لوڪ سنگيت اڪيڊمي کي باهه، شاعري جا سوين ڪتاب سڙي ويا

مٺي ( لياقت نھڙيو) لوڪ سنگيت اڪيڊمي مٺي ۾ شارٽ سرڪٽ سبب اوچتو باھ لڳي وئي جنھن ۾ اڪيڊمي ۾ رکيل سمورو سامان ادب ۽ شاعري جا سوين ڪتاب، ڍولڪ، نال، طبلا،  دنبورو، يڪتارو، ھارمونيم، قالين، گدا، چادرون، پردن سميت ڪمري اندر پيل ھر شيءِ سڙي رک ٿي وئي. اڪيڊمي جي عھديدارن نامياري راڳي ڪريم فقير، نوجوان راڳي ھيرو لوھار، جئديو شرما ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اڪيڊمي اسان جو ٻيو گھر ھو جنھن ۾ باھ واقعي سبب اسان کي تمام گھڻي تڪليف پھتي آھي ۽ سمورو سامان مڪمل طور سڙي ويو آھي. ھنن ثقافت کاتي جي وزير سردار شاھ، چيئرمين مٺي ميونسپل ڊاڪٽر منوج ملاڻي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته اڳ جيان وري اسان جي مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن اڪيڊمي جلد بحال ٿي سگهي. ياد رھي ته سيد سردار شاھ 2017 مارچ تي ٿر لوڪ سنگيت اڪيڊمي جو افتتاح ڪيو ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو