لوفر ياري رکڻ لاءِ تنگ ٿو ڪري، عورت جو احتجاج

جروار(محمد بخش گبول )ڳوٺ رسول بخش ملڪ جي رهواسڻ عورت خالدا ملڪ الزام لڳايو آهي ته علائقي جو بااثر اوباش ۽ لوفر قربان ملڪ دوستي رکڻ لاءِ تنگ ٿو ڪري گهر کان زمين تي گاهه ڪرڻ وڃون ٿا ته پسٽل ڏيکاري رستا روڪ ڪري چئي ٿو ته دوستي رک نه رکندين ته توکي ماريندس، تهنجي مٿان تيزاب هاريندس. مهنجو مڙس غريب آهي گڏهه گاڏو هلائي پيٽ گذر ڪيون ٿا جوابدار جي ڊپ کان مهنجو مڙس گاڏو هلائڻ به نٿو وڃي ظالم جي خوف کان آخر مون تنگ ٿي ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. متاثره عورت وڌيڪ چيو ته مون جروار ٿاڻي تي قربان ملڪ خلاف رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر جروار پوليس جوابدار کي گرفتار نٿي ڪري. هن ايس پي گهوٽڪي ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪندي چيو ته بااثر جوابدار قربان ملڪ کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو