لوئيزيانه ۾ تيز بارش ۽ طوفان سبب 10 لک گهرن جي بجلي بند

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اميرڪي رياست لوئيزيانه ۾ خطرناڪ طوفان آئيڊا سبب نظام درهم برهم ٿي ويو آهي ۽ 10 لک گهر بجلي کان محروم آهن. تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي، بي بي سي جي رپورٽ موجب، طوفان آئيڊا سبب هلندڙ طوفان سبب وڻ پاڙان پٽجي ويا، واقعن ۾ هڪ ڄڻو گهر تي وڻ ڪرڻ سبب فوت ٿيو آهي ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته لوئيزيانه جو شهر اورليانز سخت متاثر ٿيو آهي. ڏيڍ سو ميل يعني 240 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي ردتار سان هلندڙ تيز هوائن سبب ڪجهه گهرن جون ڇتيون، سائن بورڊ ۽ بل بورڊ به پٽجي پري پري ڪريا آهن. صدر جو بائيڊن چيو آهي ته انساني جانين جي زيان جو خطرو آهي. ياد رهي ته 2005 ۾ هن رياست ۾ آيل طوفوان قطرينه ۾ 1800 ماڻهو مري ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو