لنڪ روڊ ۾ کڏا ٿي ويا آهن، مرمت لاءِ احتجاج

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)شيخ ڀرڪيو لڳ ڳوٺ نواب احمد ٽالپر ۽ ڳوٺ محمد لائق لغاري جو لنڪ روڊ زبون حالي جو شڪار ڳوٺاڻن مسلم لغاري ممتاز ملاح لڇمڻ ڪولهي ويرجي ڪولهي اڪبر ماڇي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو  ڪندي دانهيو ته اسان جي ڳوٺن ڏانهن ايندڙ لنڪ روڊ زبون حالي شڪار آهي  منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو، جڏهن ته ايمرجنسي جي صورت ۾ رهواسين کي شديد مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون، لنڪ روڊ تي ڪيترائي ڳوٺ ۽ هزارن جي آبادي هجڻ باوجود روڊس کاتي توڙي چونڊيل نمائندن روڊ جي مرمت ڪرائڻ جي زحمت ناهي ڪئي، روڊ ۾ کڏا هجڻ سبب اڪثر حادثا معمول بڻيل آهن، جڏهن ته روڊ جي زبون حالي سبب رهواسي عذاب ڀوڳڻ تي مجبور آهن، رهواسين چيو آهي ته روڊ جي تباهه حالي سبب مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون،هنن  پ پ ايم پي اي سيد اعجاز شاهه بخاري، ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊومحمد خان ۽ روڊس کاتي جون اختيارين کان  نوٽيس وٺي روڊ جي نئين سر تعمير ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو