لنڪ روڊ تان پنجاب ويندڙ 2 ڪوچز پڪڙجي پيون

خانپورمهر(آفتاب سيال)رينجرز ۽ پوليس ڪراچي کان مزدور کڻي شارٽ ڪٽ رستي وسيلي پنجاب جي مظفرڳڙھ شهر ويندڙ ٻن مسافر ڪوچن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، پوليس پاران ٻنهي ڪوچن کي تحويل ۾ وٺڻ دوران پوليس ۽ رينجرز جي وڌيڪ نفري پڻ پهچي وئي جن مسافرن کي ڪوچن مان هيٺ لهڻ ئي نه ڏنو، پوليس جو چوڻ آهي ته تحويل ۾ ورتل ڪوچن بابت ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪم ملڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي.

هن وقت ٻئي ڪوچون اسپاٽ تي بيٺل آهن، جن ۾ لڳ ڀڳ سئو کان وڌيڪ مسافر ويٺل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪرونا وائرس جي خدشي سبب سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جهڙي صورتحال دوران ڪراچي جي مختلف ڪارخانن ۾ مزدوري ڪندڙ پورهيت نيشنل هاءِ وي بدران لنڪ رستن وسيلي پنهنجي شهر مظفر ڳڙهه وڃي رهيا هئا ته خانپورمهر ۾ پوليس ۽ رينجرز ٻنهي ڪوچن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو