لنڊ ڪوري تڪرار،3 ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

ڏهرڪي (وجي ڪمار) ڏهرڪي ويجهو هڪ هفتو اڳ کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ اسماعيل ڪوري ۾ ڪوري برادري جي قتل ٿيل ٽن نوجوانن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتولن جي يتيم ٻارڙن ۽ وارثن طرفان تڏو وڇائي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مزاري ڪوري يعقوب ڪوري،ڪوڙو ڪوري۽ گل محمد ڪوري ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اوٻاڙو جي سول ڪورٽ ۾ حاضري تي ويندڙ اسان جي ٽن نوجوانن جلال ڪوري ،قبول ڪوري۽ڳهڻو ڪوري کي جلال لنڊ ۽ هن جي ساٿين فائرنگ ڪري هنن جي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا جنهن کي ست ڏينهن گذري ويا آهن پر هن وقت تائين کينجهو پوليس ڪيس ۾ نامزد صرف ٻن جوابدارن يارو لنڊ ۽ سليمان لنڊ کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ٻيا جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن جيڪي اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪندي چيو ته اسان جي ٽن نوجوانن کي قتل ڪندڙ ڪيس ۾ نامزد سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو