لنجواڻي خاندان جي 16 ڀاتين جا ئي ٽيسٽ منفي

ڪرمپور(ڪريم بخش ملڪ) ڪورونا جي شڪ ۾ ڪشمور مان گرفتار ڪري ڪرمپور ڪيڊٽ ڪاليج ۾ ٺاهيل آئسوليشن وارڊ ۾ رکيل ڳوٺ بشير خان لنجواڻي جي رهواسي  16ڄڻن جن ۾ مرد عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، تن جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ منفي آئي آهي جنهن بعد انتظاميا کين گهر وڃڻ جي اجاز ت ڏئي ڇڏي آهي. هو گوادر کان ڪراچي بعد ڪشمور پهتا هئا ۽ پوليس کي شڪ هو ته هو ايران مان موٽيا آهن ۽ کين وائرس ٿي سگهي ٿي. انهن ۾ اقبال پٽ گنج بخش عمر 40 سال، فاطمه زال اقبال احمد عمر 35 سال، محمد قاسم پٽ احمد عمر 28 سال، مائي نيڪان زال محمد قاسم عمر 25 سال، محمد هاشم پٽ محمد قاسم عمر 5 سال، رابي ڌيءَ غلام محمد عمر 15 سال، جيجي ڌيءَ نور علي عمر 30 سال، ظھران زال جان محمد عمر 32سال، آمنه ڌيءَ غلام رسول عمر 8 سال، حميده زال سونا خان عمر 30 سال، ابرار پٽ حاڪم علي عمر 2 سال، شھزادي ڌيءَ حاڪم علي عمر 2 سال، نصيب الله پٽ سونو خان عمر 4 سال، تالهي ڌيءَ يار محمد عمر 2سال، صاحبه ڌيءَ اقبال عمر 12 سال ۽ شاهد پٽ ٿنگو 25 سال جا شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو