لفظ معذور استعمال نه ڪريو، عدالت جو حڪومت کي حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن لاءِ سرڪاري سطح تي معذور لفظ جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. عدالت چيو آهي ته معذور ماڻهن کي معذور نه سڏيو وڃي، معذور لفظ استعمال ڪرڻ سان سندن عزت نفس مجروح ٿيندو آهي، ، سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته سرڪاري خط و ڪتاب، سرڪيولرز ۽ نوٽيفڪيشنز ۾ معذور لفظ نه لکيو وڃي، ڊس ايبل جي جاءِ تي پرسن وِد ڊس ايبلٽي يا پرسن وِد ڊفرنٽ ايبلٽيز لکيو وڃي، آئين معذور ماڻهن کي عام ماڻهن جيترا حق ڏئي ٿو، ڊس ايبل پرسن آرڊيننس موجب ڪنهن به شعبي ۾ 2 سيڪڙو ڪوٽا معذور ماڻهن لاءِ مخصوص آهي، معاشري ۾ معذور ماڻهن کي حقارت جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي، عام تاثر آهي ته معذور ماڻهو ڪوبه ڪم صحيح نموني نٿا ڪري سگهن، سُپريم ڪورٽ لاهو هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي هڪ مهيني ۾ معذور ڪوٽا تحت ڀرتيون ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ملتان ۾ سينئر ايليمينٽري اسڪول ايجوڪيٽر لاءِ معذور ڪوٽا تي اپلاءِ ڪندڙ عبيدالله لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو. سندس موقف هو ته ملتان ۾ 81 سيٽن مان صرف هڪ سيٽ معذورن کي ڏني وئي جڏهن ته ڪوٽا موجب حق وڌيڪ بڻجي ٿو. لاهور هاءِ ڪورٽ  سندس درخواست رد ڪئي هئي. جنهن خلاف هن سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو