لطيف کوسه جي گهر تي حملو نبيل گبول تي ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي اڳواڻ نبيل گبول ۽ سندس ساٿين خلاف لطيف کوسه جي گهر تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر مطابق ڊفينس فيز 2 ۾ واقع لطيف کوسي جي گهر تي پهرين مارچ تي رات 11 وڳي نبيل گبول هٿيارن سميت داخل ٿيو ۽ لطيف کوسه جي ناٺي عبدالبدر جيڪو فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جو چيئرمين به آهي، ان جي پڇا ڪئي ۽ چيو ته هو کيس قتل ڪرڻ آيا آهن. لطيف کوسه جي ملازم غلام شبير فرياد ڪئي آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته نبيل گبول هوائي فائرنگ ڪئي ۽ ڏمڪيون ڏيندي ڪجهه دير بعد واپس هليا ويا. عبدالبدر جو چوڻ آهي ته نبيل گبول کيس غير قانوني ڪم چيو هو جيڪو نه ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون. هن جو چوڻ آهي ته فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي ڪولڊ اسٽوريج جي جاءِ تي غيرقانوني طور فيڪٽري قائم آهي جنهن خلاف عدالت م ڪيس هلندڙ آهي. نبيل گبول ڪيس واپس وٺڻ لاءِ زور ڀريو جنهن جي انڪار تي هن حملو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو