لاڪ ڊائون سبب ازبڪستان ۾ ڦاٿلن جي حڪومت کي اپيل

رتوديرو( عطاءُ الله بروهي)ڪورونا وائرس جي خطري سبب اڏامون معطل ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو دني جي مختلف ملڪن ۾ ڦاسي پيا آهن. اهڙن ماڻهن ۾ رتوديرو واسي ڪجهه ماڻهو تاشقند ۾ ڦاٿل آهن. سنڌ جي مختلف شهرن رتوديرو، شهدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد سميت ٻين شهرن جا ڪيترائي مسافر ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ڦاٿل آهن. انهن مسافرن هڪ ويڊيو جاري ڪندي پاڪستان آڻڻ جو بندوبسبت ڪرڻ جي حڪومت کي اپيل ڪئي آهي. سندن چوڻ آهي ته هو سير تفريح لاءِ آيا هئا.تاشقند ۾ ڦاٿل رتوديرو واسي خالد حسين منگي شهدادڪوٽ جي اشوڪ ڪمار جيڪب آباد جي علي مرزا پٺاڻ، فرحان ڀنگر سميت ڪيترائي مسافر ڦاٿل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو