لاکڙا فيلڊ مان مقامي مزدور برطرف، انڊس هاءِ وي تي احتجاج

مانجهند( مهراڻ يوسف عمراڻي) خاڻوٺ ويجهو علي آباد ۾ لاکڙا ڪول فيلڊ جي ايل سي ڊي سي ڪوئلي ڪمپني جي مقامي ملازمن عيد کان چند ڏينهن اڳ برطرفي خلاف انڊس ها۽ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن سبب سيوهڻ ڄامشورو روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي ملازمن مير محمد حاجاڻو ۽ وريو کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪمپني وفاق کان سنڌ ڏانهن منتقل ٿيڻ کان پو۽ سنڌ حڪومت جي مقامي بااثر ڌارين ٺيڪيدار کي ٺيڪو ڏياري  100 کان وڌيڪ مقامي مزدورن کي برطرف ڪري پوليس ذريعي ڪمپني مان بي دخل ڪرائي بي روزگار ڪيو ويو آھي. جڏهن ته سندن جڳهن تي ڌارين کي مقرر ڪيو پيو وڃي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کين بحال ڪيو وڃي. هوڏانهن خاڻوٺ پوليس مزدورن سان ڳالهيون ڪيون پر ناڪام ٿي ويون ڌرڻو آخري اطلاعن تائين جاري هو.

پهنجو تبصرو موڪليو