لاکڙا جو ٽراسفارمر باهه سبب تباهه، 50 ڳوٺن ۾ بجلي بند

مانجهند)مهراڻ عمراڻي) منظور آباد ۾  لاکڙا پاور هائوس جي مين ٽرانسفارمر کي شارٽ سرڪٽ سبب اوچتو ڌماڪي سان خوفناڪ باهه وڪوڙي وئي جنهن سبب ٽرانسفارمر مڪمل طور تباهه ٿي ويو ۽ ڪنٽرول روم پڻ سڙي ويو. انتظامياهنگامي حالتن جو اعلان ڪندي فائر فائيٽرن کي گهرائي باهه تي ضابطو آندو. لاکڙا پاور هائوس بند هو، جڏهن ته موڪل هئڻ سبب ملازمن جو موجود تعداد پڻ تمام گهٽ ھو جنهن سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو. انتظاميا موجب باهه تمام گهڻو نقصان ڪيو آھي، سسٽم بحال ڪرڻ ۾ 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو. هوڏانهن باهه لڳڻ کان پو۽  خاڻوٺ گرڊ اسٽيشن جي بجلي بند ٿي وئي جنهن سبب  لاکڙا پاور هائوس ڪالوني خاڻوٺ ڪول مائينز منظور آباد علي آباد ٻڍاپور انڙپور ۽ اڪرو سميت آسپاس جي 50  کان وڌيڪ ڳوٺن جي بجلي بند ٿي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو