لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جي ايس ايس پيز کي هٽايو،عدالت

سکر (بيورو رپورٽ) غريبن کي ڪُتا ڏاڙهي رهيا آهن پر آفيسرز کي خبر ئي ناهي، ڪنهن ايم پي اي، وزير ۽ آفيسر کي ڪتو ڏاڙهي ته کين خبر پئجي ويندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪُتن جي ڏاڙهڻ واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران ڪاوڙ جو اظهار، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور جا ايس ايس پيز ڪو ڪم ئي نه ڪري رهيا آهن، ٻئي ايس ايس پيز عدالتي حڪم تي عمل نٿا ڪن، وفاقي گهرو کاتي کي خط لکي ڇڏيو آهي ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻنهي ايس ايس پيز کي سنڌ بدر ڪري، سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ايم ايس چانڊڪا طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ رڳو لاڙڪاڻو ڊويزن اندر 5 هزار ماڻهو رولو ڪتن جو شڪار ٿيڻ جو انڪشاف، پوليس جو 21 ڪيس داخل ٿيڻ جو اعتراف ڪيو ويو، عدالت طرفان پوليس ۽ انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيوويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو