لاڙڪاڻي واسي جوڙي جو نوشهرو جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو

نوشهروفيروز (ڊ  ر )لاڙڪاڻي واسي ناري راڌڻ جي نوجوان سان نوشهروفيروز جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد پريس ڪلب پهچي ناري عليزا چنه ميڊيا کي ٻڌايو ته مون پنهنجي رضا خوشيء سان صدام حسين جانوري سان پسند جي شادي ڪندي نڪاح ڪيو آهي جنهن بعد منهنجا ڀائر سرفراز , ڪامران , عامر چنه ۽ ڀيڻوو نادر سومرو , جميل , امير بخش سومرو جان جا ويري بڻجي ويا آهن جيڪي هٿيار بند ٿي ڳولي رهيا آهن هن چيو ته مونکي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو منهنجي مڙس يا سندس گهروارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ته اهو ڪوڙو سمجهيو وڃي هن سيشن جج دادو , ايس ايس پي دادو سميت عملدارن کان تحفظ ڏيڻ جي گهر ڪندي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو