لاڙڪاڻو ۾ 93 اي ايس آئيز کي آفر آرڊر ملي ويا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) وڏي وزير لاڙڪاڻي ۾ هڪ تقريب دوران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي امتحان پاس ڪندڙ 93 اي ايس آئيز ۾ آفر آرڊر ورهاريا، تقريب کي خطاب دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ امن امان ۽ ترقي لاءِ پوليس جو اهم ڪردار آهي، ڪورونا ۾ پوليس جي جوانن غير معمولي ڪردار ادا ڪيو، نون اي ايس آئيز کي پوليس ۾ ايمانداري ۽ سچائي سان ڪم ڪرڻو آهي.

CM Sindh Address, Photo CM House

خوشي ٿي جو نوَن اي ايس آئيز ۾ ڪجهه نياڻيون به شامل آهن. هن چيو ته ڪورونا سبب آفر آرڊر ورهائڻ ۾ ڪجهه دير ٿي آهي جنهن تي هو معذرت ڪري ٿو. آءِ جي سنڌ مشتاق مهر چيو ته سنڌ پوليس برصغير جي پراڻي پوليس آهي، عوام جي خدمت اوهانجي ذميواري آهي، اي ايس آءِ اهڙو عهدو آهي جنهن کي فيلڊ ۾ ڏوهارين سان مقابلو ڪرڻو هوندو آهي. اوهان کي محمد بخش ٻرڙو جيان پوليس جو نالو روشن ڪرڻو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو