لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ پيادل مارچ جي ڀريا ۾ آجيان

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) سنڌ جي گم ٿيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ ڪراچي کان جي ايڇ ڪيو راولپنڊي لاءِ نڪتل سنڌ سڀا جو پيادل قافلو ڀرياسٽي پھتو مختلف سياسي سماجي ۽ سول سوسائيٽي جي ماڻهن  پاران  پيادل قافلي تي گلن جي ورکا ڪندي شاندار آجيان ڪئي وئي. سماجي تنظيم سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي سرويچ سنڌي اسلم سومرو سنڌو امان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب کان 10 نومبر  تي نڪتل  پيادل قافلي جي  ڀرياسٽي آمد تي  پيادل قافلي جو آڌر ڀاءُ ڪندي ايس ٽي پي  اڳواڻن جسقم، لطيف سنگت جي استاد نصير ملاح ، غلام شبير  ميراڻي ، بيگ محمد لھراڻي، خادم چانڊيو ۽ ٻين گلن جي ورکا ڪئي ۽ شاندار آجيان   ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ سڀا جي اڳواڻ  انعام عباسي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي سوين ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي  ان ڪري هي پيادل مارچ  راولپنڊي پهچندو ، ھن چيو تـ اسان جي ڀائرن کي بنا ڪنھن ايف آئي آر جي گھران کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو ھن وڌيڪ چيو تـ اسان عدم تشدد جا پيروڪار آھيون اسان سان زيادتيون بند ڪيون وڃن جڏھن تـ گم ٿيل عاقب چانڊيو ايوب ڪانڌڙو فتح محمد کوسو فرحان مڱڻيجو ، نسيم بلوچ فيصل آرائين جبار سرڪي ۽ ٻين جي آزادي لا۽ نعرا ھنيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو