لاهور ۾خيما کوڙڻ اسٽيبليشمينٽ جو اشارو يا ٻيو ڪجهه؟

ليکڪ اي اي عباسي                                                      

لاڙڪاڻي جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو شهيدن جي مزارن سامهون اڳوڻي وزير اعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 14 هين ورسيءَ جي موقعي تي جهڙي طرح سابق صدر پاڪستان ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري موجودهه وفاقي حڪومت خلاف پنهنجي کليل نفرت جو اظهار ڪندي نئين سال 2022ع ۾ 5 جنوريءَ کان پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي وفاقي نيازي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري لاهور ۾ خيما کوڙڻ جي ڳالهه ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جي لکين ڪارڪنن جيالن ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي، انهيءَ موقعي تي هنن اها ڳالهه پڻ ڪئي آهي ته ايندڙ حڪومت ۾ وزير اعظم ۽ پنجاب صوبي سميت سمورن صوبن جا وزير اعليٰ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا هوندا، زرداري صاحب ۽ بلاول ڀٽو زرداري شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ انهيءَ ڳالهه تي به زور ڏنو ۽ بار بار اها ڳالهه ورجائي ته اسان ڊيل ڪرڻ وارا ناهيون جيڪڏهن ڊيل ڪرڻ وارا هجون ها ته پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۾ شهيدن جا قبرستان نه هجن ها، اسان ڪانئر بزدل ۽ خوف ۾ ورتل سليڪٽيڊ حڪمرانن جي غلطين سبب ملڪ جو ڏيوالو نٿا چاهيون، جيڪڏهن ايڏي شديد عروج تي پهتل مهانگائي، بجليءَ جي قيمتن سميت روزمرهه جي استعمال جي شين جي روزبروز وڌجڻ تي هاڻي به عوام گهرن مان ٻاهر نه نڪتو ته پوءِ ڪڏهن نڪرندو؟،  ملڪ کي معاشي طرح ڪنگال ڪيو ويو آهي، لوٽمار پاڻ ڪري وري پاڻ ئي هاءِ گهوڙا ڪري يوٽرن حڪمران نوان نوان شو ڪري پنهنجو 5 سال مدو پورو ڪرڻ ۾ عوام کي مصروف ڪرڻ ۾ رڌل آهي، پوري ملڪ ۾ هر طرف مهانگائيءَ جي راڪاس غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، تبديلي واري سرڪار نئين پاڪستان ۽ رياست مدينه بنائڻ واري خواب بجاءِ ويتر نت نوان ٽيلر ۽ ڊراما ڏيکاريندي غريب بي پهچ عوام کي مرڻ ڪنڌيءَ تي پهچايو آهي، اڪثر غريب ماڻهو اٽي لپ لاءِ ٽي ويلا ته ٺهيو پر ٻن ۽ هڪ ويلي لاءِ تڙپي تڙپي سسڪي رهيا آهن، ڪراچيءَ جي نازڪ ۽ نفيس ڀوائتي چهرن کي وفاق ۾ وزارتون ڏيئي خونخوار راند ۾ حصيدار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري 74 سالن بعد اسان جي اصلوڪي ماڻهن جي ابن ڏاڏن جي ملڪيتن تي بد نظر رکي انهن کي هڙپ ڪرڻ جي قانوني طرح ناڪام ڪوششون ڪيون ويون، پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي مراد ۽ نامراد ۾ واضع ۽ چٽو فرق ڪرڻو پوندو، اقتدار هڪ اهڙي ڦرڻي ڪرسي آهي جيڪا هڪڙن کي اچڻي آهي ۽ ٻين ڏانهن وڃڻي آهي، پيپلز پارٽي پنهنجي اصل بيس پنهنجي اصل مارو ماڻهن ووٽرن جو هميشه قدر ڪري ۽ سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي وک وک نوڪري ڏيڻ بهاني تڙپائڻ جو سلسلو بند ڪري ميرٽ اهليت جي بنياد تي سنڌ جي سمورن سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڏيئي پريشاني دور ڪئي وڃي، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس بيروزگار نوجوانن کي ميرٽ اهليت تي نوڪريون ڏيڻ  بجاءِ 33 ۽ 45 سيڪڙو تي ٻين ضلعن جي ماڻهن کي پراون ضلعن ۾ اقليت، منارٽي، هارڊ ايرياز جي نالي ۾ پنهنجن خوشامدين، پنهنجن تڪن جي خاص ماڻهن کي نوازڻ جو سلسلو سنڌ جي ميرٽ اهليت جي کليل لتاڙ آهي، پ پ جي سنڌ حڪومت جيڪڏهن ايندڙ بلدياتي توڙي جنرل اليڪشن ۾ پنهنجي بري شڪست کان بچڻ ۽ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ سنڌ جي بيروزگارن سان نوڪرين جي معاملي ۾ اهڙو ڀيانڪ مذاق بند ڪري نه ته سنڌ جي لکين بيروزگارن جي ذهني اوسر انهن جي احساسات ۽ قرب واري ڪيفيت جو ڪو ازالو نٿو ڪري سگهي. پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت کي عملي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي زخمن تي مرهم رکڻي پوندي ۽ ڪو پنهنجي خام خيالي جي دنيا ۾ رهندي انهيءَ غلط فهميءَ ۾ نه رهي ته سنڌ ڪنهن تنظيم، پارٽي يا جماعت جي ڪا ذاتي ملڪيت ۽ موروثي ملڪيت آهي،  جيڪو سنڌ جي وجود سان سلهاڙيل ۽ حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جو حلالي فرزند رهندو اهو بي مثال موٽ ملڻ جو حقيقي حقدار آهي، اقتدار جي مست نشي ۾ سنڌ جي خوبصورت مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ميرو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪو چيئرمين توڙي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واقعي ايندڙ 2023ع جي اليڪشن ۾ ڀرپور موٽ ۽ سپورٽ جو حقدار بڻجڻ چاهي ٿو ته پوءِ پهريان اوليت پراٽي جي بنياد تي سنڌ جي سورن، ڏکن، تڪليفن، اهنجن جو درمان بڻجڻ لاءِ نه صرف وڏيرن، ڀوتارن، نوابن، رئيسن، خانن،  سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ بزنس مينن ڪاروباري  ماڻهن کي ئي اڳتي آڻڻ بجاءِ حقيقي ڪارڪنن، ورڪرن، جيالن ۽ غريب عوام جي زبان بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، انهي لاءِ جو هر پارٽي جو اصل سرمايو اهي ورڪر هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اصل طاقت جو سرچشمو عوام آهي، عام عوام غربت، مفلسي، تنگدستي، مهانگائي جي عذاب ۾ مبتلا رهيو ته پوءِ اقتدار جي ڪرسي تي ڪير آيو، ڪير ويو انهيءَ سان عوام جو ڪو به سروڪار ناهي. عوام کي پنهنجي جياپي  سان گڏ روزمرهه ضروريات زندگيءَ جون شيون مناسب اگهن تي فراهم ٿي ملن انهيءَ ۾ جيڪا به حڪومت اهڙا عوام دوست اپاءَ وٺڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي اها عوام جي پسنديده حڪومت ليکي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو