لاهور ۽ ڀرپاسي ۾ تيز بارش، روڊ رستا پاڻي هيٺ، ٻوڏ جوانديشو

لاهور(م ڊ) پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۽ آسپاس مون سون جون تيز برساتون پوڻ سبب شهر جا روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ شهر ۾ جڳهه جڳهه تي ٽريفڪ جام آهي. شهر جي اڪثر علائقن ۾ بجلي غائب آهي. ليسڪو ترجمان موجب 180 فيڊر ٽرپ ڪري ويا آهن انهن جي بحالي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال مان اٿيل ڪڪرن جو سلسلو پهچڻ سبب چوماسي جون برساتون شروع آهن جيڪي چنچر تائين جاري رهنديون، هن وڌيڪ ٻڌايو ته لاهور، گجرانوالا، فيصل آباد، راولپنڊر، سرگوڌا جي علائقن م بارش جو امڪان آهي. برشن سبب سنڌو درياءَ، جهلم، چناب ۾ ٻوڏ جهڙِي صورتحال پيدا ٿين جو امڪان آهي. وزير اعليٰ جي هدايت تي شهر مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ واسا 30 مرڪز قائم ڪيا آهن. لاهور شهر ۾ موسم خوشگوار ٽاڪ منجهند جو گرمي جو پد 26 ڊگري رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو