لاهور نون ليگ کي رد ڪيو، هاڻي اچو ڳالهيون ڪريو، وزير

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت هڪ دفعو ٻيهر اپوزيشن کي قومي معاملن تي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته اچو پارليمان ۾ ڳالهيون ڪيون. اهڙو اظهار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير فواد چوڌري ۽ وزيراعظم جي معان شهباز گِل گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن چيو ته لاهور جلسي جي بدترين ناڪامي بعد اپوزيشن ڀلي لانگ مارچ ۽ استعيفيٰ جو شوق پورو ڪري پر چونڊ سڌارن سميت اهم معاملن تي اسين ڳالهين لاءِ تيار آهيون. هنن چيو ته نواز شريف جرينلن ۽ جوانن ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري، جنهن کي لاهور سميت پوري قوم رد ڪري چڪي آهي. هنن چيو ته لاهور مان مسلم ليگ (ن) جا جيترا ايم اين اي ۽ ايم پي اي آهن، اهي رڳو ٻه ٻه هزار ماڻهو وٺي اچن ها ته به 50 60 هزار ماڻهن جو جلسو ٿي وڃي ها. هنن چيو ته نواز شريف جو بيانيو عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. هنن محمود خان اچڪزئي تي تنقيد ڪندي چيو ته هن پنجاب ۾ ويهي پنجابين خلاف ڳالهايو آهي جيڪو پنجابين جي نمائندن کي برداشت نه ڪرڻ گهرجي ها. هوڏانه شيخ رشيد چيو آه يته لاهور جي شهرين ذميواري جو ثبوت ڏنو آهي هنن نواز شريف جو بيانيو رد ڪري ڇڏيو آهي، مولانا مدرسن جا ماڻهو نه گهرائي ها ته نون ليگ وڌيڪ خوار ٿئي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو