لاهور حافظ سعيد جي گهر لڳ بم ڌماڪو 3 فوت 20 ٻيا زخمي

لاھور (ويب ڊيسڪ)جوھر ٽائون ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر طيبه جي ڪوٽ لکپت جيکل ۾ قيد اڳواڻ هافظ سعيد جي گهر لڳ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڄڻا فوت ۽ 20  ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان 4 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. زخمين ۾ 2 ٻار، هڪ عورت ۽ هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهن. آءِ جي پنجاب انعام غني موجب بم گاڏي ۾ فٽ ٿيل هو جيڪو ريموٽ ڪنٽرول سان ڦاڙيو ويو، حافظ سعيد جي گهر وٽ پوليس چوڪي هئڻ سبب تخريبڪار اڳتي نه ويا ۽ ان کان پهريان ئي گاڏي بيهاري ڌماڪو ڪيو ويو.

Photo Twitter

سندس چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ غير ملڪي مواد استعمال ڪيو ويو، بال بيئرنگ به هئا جنهن سبب نقصان ٿيو، لڳي ٿو ته ٽارگٽ پوليس چوڪي کي بڻايو ويو هو. جوھر ٽائون ۾ ٿيندڙ ڌماڪو ھڪ گھر ۾ ٿيو، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ڌماڪي سبب ويجھي عمارتن جا شيشا بھ ٽُٽي پيا ۽ اُتي بيٺل گاڏين کي بھ نقصان پھتو، ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪجھ ماڻھو زخمي ٿيا آھن، جن کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منقتل ڪيو ويو آھي، سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گھيرو ڪري ورتو آھي ۽ جاچ جاري آهي. صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين اسپتال پهچي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو