لال مسجد تڪرار نه نبريو، علما ڪائونسل جون ڳالهيون بي نتيجه

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) لال مسجد وارو تڪرار نه نبريو مولانا عبدالعزيز سرڪاري آڇ رد ڪري ڇڏي پنهنجي مطالبن مڃڻ واري ضد تي قائم آهي. پاڪستان علما ڪائونسل جو وفد حافظ طاهر اشرف جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي پر ڳالهيون بي نتيجه رهيون. اطلاعات موجب طاهر اشرفي وزفاقي وزير داخلا برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه سان ملاقات بعد خميس تي لال مسجد جي هٽايل امام مولانا عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي هئي. ملاقات بعد حافظ طاهر اشرفي اميد ظاهر ڪئي ته 24 ڪلاڪن ۾ معاملو پر امن طور حل ٿي ويندو، اصل مسئلو گهيرو ختم ڪري پريشان حال علائقي واسين لاءِ آساني پيدا ڪرڻي آهي . اسين چاهيون ٿا ته گولي نه هلي ۽ معاملو پرامن انداز ۾ حل ٿئي. طاهر اشرفي جو چوڻ آهي ته حڪومت جا تحفظات ۽ موقف مولانا عبدالعزيز کي پهچايا آهن هن سان گڏ چار هٿيار بند آهن جيڪي سندس محافظ آهن ۽ هن وٽ قانوني هٿيار آهن، ٻيا هٿيار بند موجود نه هئا. هن چيو ته لال مسجد ۾ ايترا ماڻهو ناهن جو سيڪورٽي فورسز کي چيلينج ڪن.ڳالهين دوران مولانا عزيز سان گڏ سندس ڀائٽيو ۽ نا ٺي هارون رشيد موجود هو. ذريعن موجب مولانا عزيز چاهي ٿو ته کيس لال مسجد ۾ خطيب طور بحال ڪيو وڃي، ايڇ اليون ۾ رد ڪيل پلاٽ بدلي نئون پلاٽ ڏيو ۽ رد ڪيل پلاٽ تي آيل لاڳت 30 لک کيس ادا ڪيا وڃن. جڏهن ته حڪومت جو چو آهي ته بطور خطيب هو ريٽائر آهي ۽ جمعي تي خطبو نٿو ڏئي سگهي، پلاٽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي رد ٿيو هو ۽ انهن قانوني پيچيدگين سبب حڪومت سندس مطالبا نٿي مڃي سگهي. مولانا عزيز چاهي ٿو ته پوليس گهيرو ۽ رڪاوٽون ختم ڪري ۽ حڪومت چاهي ٿي ته مولانا مسجد خالي ڪري هليو وڃي ڇو ته اها سرڪاري ملڪيت آهي. حڪومت جمعي نماز کانسواءِ ٻئي ڪنهن نماز لاءِ علائقي واسين کي مسجد ۾ وڃڻ نٿي ڏئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ حڪومت پاران جامعه حفصه لاءِ 20 ڪنال زمين ڏيڻ جي راضپي بعد مولانا مسجد خالي ڪرڻ تي راضي ٿيو هو پر بعد ۾ معاملا اڳتي نه وڌيا.

پهنجو تبصرو موڪليو