لال مالهي جي لاج مان سندس ڊرائيور جو لاش هٿ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ لاجز جي ھڪ ڪمري مان نوجوان جو ڦاھو کاڌل لاش ھٿ ڪيوويو، پوليس ذريعن جو چوڻ آھي تھ لاش پکي ۾ لٽڪيل مليو آھي، لاش جي سڃاڻپ سنتوش ڪمار نالي سان ٿي آھي، ٻڌايو پيو وڃي تھ اقليتي ايم اين اي لال چند جي ڊرائيور جو لاش آھي، سنتوش ڪمار جو لاش تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر جي ڪمري مان مليو آھي، لال چند مالھي انساني حقن جو پارلياماني سيڪريٽري آھي، لال چند مالھي تحريڪ انصاف جو ھندو قومي اسيمبلي ۾ ميمبر آھي، پوليس ذريعن موجب سنتوش ڪمار خودڪشي ڪئي آھي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي. پوليس موجب فوتي جي موبائيل مان هڪ ويڊيو ملي آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته هو گهريلو پريشانين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري پيو، سندس گهرواري ۽ سس جي ڪري هو پريشان آهي. لال مالهي جو چوڻ آهي ته هو عمر ڪوٽ ۾ آهي سندس ڊرائيور گهرو پريشاني سبب ايئن ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو