لالواڻي ڪيس ۾ مک جابدارن جا نالا شامل ڪرڻ جي هدايت

سکر (بيورو رپورٽ) صحافي اجي لالواڻي قتل وارو معامرو، دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي آءِ ٽي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، وڪيل چيو ته عدالت اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين عنايت شاھ، وائيس چيئرمين احسان شاھ ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او عاشق ميراڻي جا نالا ٻيھر ايف آءِ آر ۾ شامل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي، وڪيل موجب عدالت ٽنھي جوابدارن جا نالا ايف آءِ آر ۾ شامل ڪري 15 سيپٽمبر تي رپورٽ طلب ڪئي آھي، سکر: صحافي اجي لالواڻي جي والد دليپ ڪمار جي فرياد تي 8 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو ھو، درخواستگذار جي وڪيل چيو تھ جوابدارن پوليس تي سياسي دٻاءٌ وجھي ٽن جوابدارن جا نالا ڪڍيا ھئا، وڪيل زبير راجپوت موجب جي آءِ ٽي جي پيش ڪيل پورٽ تي اعتراض ڪندي ھڪ ميمبر صحيح نھ ڪئي، پوليس دٻاءٌ ۾ اچي ٽن جوابدارن جا نالا ڪيس مان ڪڍيا، پوليس جوابدارن جا نالا غيرقانوني طور ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، ياد رهي ته صحافي اجي لالواڻيءَ کي 18 مارچ تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو