لالواڻي قتل ڪيس مان 3 جوابدارن جا نالا خارج ڪرڻ کان انڪار

سکر(بيورو رپورٽ)ٻن مهينن کانپوء جي آءِ ٽي پاران  اجي لالواڻي قتل ڪيس جي رپورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي جي آء ٽي  رپورٽ ۾ قتل ڪيس ۾ ٽن جوابدارن جا نالا خارج ڪري سول اسپتال جي ٽن ڊاڪٽرن جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران جي آء ٽي طرفان ٻن مهينن کان پوء پيش ڪيل رپورٽ بعد جي آء ٽي ۾ شامل هڪ ميمبر اي ايس آء اختلاف رکندي رپورٽ تي صحي ناهي ڪئي وئي آهي جڏهن ته جي آء ٽي پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن جا نالا ڪيس مان خارج ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جوابدارن ۾ اڳوڻو ٽائون ڪاميٽي چئرمين عنايت شاهه. وائيس چئرمين احسان شاهه. ايس ايڇ او عاشق ميراڻي شامل آهن جڏهن ته جي آء ٽي عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ سول اسپتال جي ٽن ڊاڪٽرن کي موت جو زميوار ڄاڻائي قتل ڪيس ۾ نالا شامل ڪرڻ جي سفارش ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته صحافي اجي لالواڻي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو هو جنهن کي سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي ڊاڪٽرن علاج ۾ غفلت ڪئي جنهن ڪري سندس موت واقع ٿيو آهي قتل ڪيس ۾ جوابدار طور شامل ڪرڻ جي سفارش ۾ ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ. ڌرم پال ۽ شاهد ميراڻي شامل آهن. عدالت چيو ته فريادي سميت ڌرين کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪيئن ٿا نالا خارج ڪري سگهجن؟ دهشگردي ٽوڙ عدالت ٻڌڻي دوران جي آء ٽي جي رپورٽ کي غيرتسلي بخش قرار ڏئي ٻڌڻي 30 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو