لاشن جي بنياد تي بيٺل سنڌ جو سرداري نظام؟

ليکڪ  مختيار سنڌي

سنڌ ڌرتي ھونئن تـ ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙھيل آھي جنھن کي مڪمل بيان ڪرڻ سان ڪيترائي ڪتاب پڻ ڇپجي سگھن ٿا ڪڏھن اسان پھنجي سنڌ ڌرتي جي حفاظت جي لاء دانھون ڪندا رھون ٿاـ تـه ڪڏھن وري پھنجي جائز حق جي لاء دانھون ۽ ڪوڪون ڪندا نظر اچون ٿا ڪڏھن ظالم سردارن سان مھاڏو اٽڪائيندي پنھنجن جوڌن جوانن جا لاش وصول ڪريون ٿا ته ڪڏھن وري انصاف جي لاء روڊ تي رڙيون ڪندي نظر اچون ٿاـ مطلب ته سنڌ امڙ ڪنھن نـ ڪـنھن تڪليف ۾ ضرور ڦاٿل نظر اچي ٿي سنڌ امڙ جا جوڌا جوان پٽ پھنجي سنڌ امڙ تي تڪليفون برداشت نـ ڪندي سنڌ امڙ کي تڪليفون پھچائيندڙ وقت جي ظالمن سان مھاڏو اٽڪائيندي پھنجيون جوانيون قربان ڪن ٿا ليڪن پھنجي سنڌ امڙ تي آيل تڪليفن کي برداشت ناھن ڪري سگھنداـ جنھن مان اھو صاف ظاھر ٿئي ٿو ت ھو پھنجيون جوانيون سنڌ امڙ جي نالي تي قربان ڪري سنڌ امڙ سان وفا جو اظھار ڪن ٿا سنڌ جي موجوده صورتحال تي لکڻ لازمي آھي ت ھن وقت سنڌ اھم مسئلن جي ور چڙھيل آھي انھن مسئلن ۾ سرداري نظام بـ سنڌ ۾ ھڪ وڏو ناسور بڻيل آھي. سردار لفظ ھميشه اڳواڻ تي استعمال ڪيو ويندو آھي سرداري ڪھڙي طرح سان حاصل ڪن پیا اھو ھن طرح ته ھر ذات جي اندر پاڙا ھوندا آھن انھي ھر پاڙن مان پنھنجو ھڪ ھڪـ ماڻھون سليڪٽ ڪندا آھن ۽ انھن ماڻھن جو ڪٺ اجلاس ميٽنگون منعقدون ڪندا آھن ۽ انھن سان ڊيلنگ ڪري اھو انھن سان تئي ڪندا آھن ذات جي سرداري مونکي ڏيو ۽ اوھان کي آئون پنهنجن پنهنجن پاڙن جي چڱ مڙسي ڏيندس پوء اھي ھر پاڙي جا ماڻھون پنھنجي چڱ مڙسي حاصل ڪرڻ جي لاء انھن سان ڊيلنگ ڪري پڳ حوالي ڪندا آھن ۽ ھر ھنڌ انھن سردارن جي واکاڻ شروع ڪري ڇڏيندا آھن ليڪن اھي انھن جو بيگرائونڊ ناھن ڏسندا ت اھي ڪھڙي ڪردار سان وابسطا آھن يا ھي پھنجي قبيلي جي لاء دل ۾ ڪيترو احساس رکندڙ آھن ۽ انھن جو پھنجي قبيلي جي لاء اڳ ڪھڙو ڪردار ادا ٿيل آھي جو اسين انھن کي سڄي قبيلي جي سرداري سندس جي حوالي ڪريون ٿا انھي مان واضع ٿئي ٿو ت ھو صرفو صرف پھنجي چڱ مڙسي حاصل ڪرڻ آھي ت جيئن اھڙن کي طاقتور ڪري سندس سان گڏ اسان ب قبيلي جي ماڻھن سان داداگيريون ڏاڍ مڙسيون ڪري سگھون جنھن کي چڱ مڙسي نہ بلڪي ڏاڍ مڙسي چئي سگهجي ٿو انھي مان اھو ب واضع ٿئي ٿو ت اھي سردار پنهنجي برادري جا چونڊيل ناھن ھوندا انھن کي پھنجي برادري طرفان مليل پڳ نٿو چئي سگهجي اھڙي قسم جي سرداري نظام ايترو ظالم قھري نظام آھي جن وڏن وڏن جوڌن جوانن جا لاشا ڏنا آھن سرداري نظام سنڌ ڌرتي لاء عذاب بڻيل نظام آھي سنڌ ۾ سرداري نظام سنڌ امڙ جا جوان پٽ ڪٺا آھن جنھن تي سنڌ امڙ پنھنجي جوڌن پٽن جي لاشن تي ماتم ڪندي رھي ٿي سرداري نظام سنڌ امڙ کي ايترا تـ ايذاء رسايا آھن جن ھاڻي حد ڪراس ڪري ڇڏيا آھن ۽ سنڌ امڙ پنھنجي جوڌن جا لاشا کڻي کڻي ٿڪجي پٸي آھي سنڌ ۾ سرداري نظام ظلم جي ايتري تـ انتھا ڪري ڇڏي آھي جو امن و محبت پرست سنڌ ڌرتي کي ظلمن جو مرڪز بڻايو ويو آھي سردارن جا تـ ھونٸن ڪيتراٸي ظلم و ستم ٿيل آھن ليڪن ھن وقت جيڪو انھن تازو دل آزاريندڙ سنڌ جي ملير واري علاٸقي ۾ ڪيو آھي انھي واقعي انسانيت کي وڏو صدمو رساٸيندڙ کان گھٽ عمل ناھي اھڙي عمل انساني روحن کي انتھاٸي زخم رسايو ويو آھي جنھن جي جيتري بـ مذمت ڪجي سا گھٽ آھي سنڌ جي ملير واري علاٸقي ۾ جوکيا سردارن جي دعوت تي آيل عرب شڪارين کي ويڊيو رڪارڊنگ ۾ سنڌ جو باشعور نوجوان سوشل ورڪر ناظم جوکيو شڪار کان روڪڻ جو چٸي رھيو آھي ۽ اھو عرب شڪاري فون تي ڳالھاٸيندي گاڏي مان لھي ڪري انھي سوشل ورڪر ناظم جوکيو کان موباٸل کسي ٿو ۽ تنھن کان بعد ناظم جوکيو کي تشدد جو نشانو بڻايو جنھن کان بعد عرب شڪاري اتان جي جوکيا سردار کي اطلاع ڏنو جنھن تي جوکيا سردار اتان جي باشعور نوجوان ناظم جوکيو کي نياپو موڪليو جنھن تي ناظم جوکيو سردارن جی نياپي تي وڃڻ کان پھرين ھڪ ويڊيو ڪلپ ذريعي پنھنجا خدشا ظاھر ڪيا تـ سردار مونکي ماراٸي سگھن ٿاـ اگر مونکي ڪجھ بـ ٿيو تـ ان جا ذميوار اھي سردار ھوندا شھيد ناظم جوکيو اھڙو اطلاع ھڪ وڪيل نالي مظھر جونیجو کي بـ ڪري ڇڏيو شھيد ناظم جوکيو جا اھڙا خدشاتی ۽ عرب شڪاري کي روڪڻ واري ويڊيو ڪلپون بـ سوشل ميڊيا تي واٸرل ٿيل آھن ـ

باشعور نوجوان سوشل ورڪر ناظم جوکيو کي سردار ڄام جا واٺا کنڀي ويا ان سان سندس ڀاء کي يقين ڏياريو ويو ھو تـ توھان گھر ھليا وڃو ناظم جوکيو ھتي آھي سڀاڻي ناظم جوکيو ۽ عربن جو فيصلو ڪنداسين شھيد ناظم جوکيو جو ڀاء انھن ظالم سردارن تي يقين ڪري پنھنجو جوان ڀاء سندس حوالي ڪيوـ جنھن تي نوجوان سوشل ورڪر پنھنجي خدشن کان واقف ھوندي اھو چوندو رھيو تـ سردار… مونکي ڇڏيو دير ٿي وٸي آھي منھنجي معصوم نياڻي مونکان بغير ننڊ ناھي ڪندي ـ آٸون صبح جو ايندس پوء اوھان جيڪو فيصلو ڪيوـ ليڪن ظالم سردارن کي ان اھڙن لفظن تي بـ رحم نـ آيوـ سندس ڀاء گھر طرف روانو ٿيو ۽ دير تاٸين سندس جي وارثن کي خبر پٸي تـ ناظم جوکيو شھيد ٿي چڪو آھي ـ شھيد ناظم جوکيو کي اتان جي ظالم قھري وحشي سردارن حق سچ چوندڙ ناظم جوکيو کي وڏي تڪليفن سان موت جي ننڊ سمھاريو ـ ظالم سردار سنڌ جي شعور جا دشمن آھن ـ موت ھر انسان کي اچڻو آھي موت ڪڏھن بخش ناھي ٿيندوـ ليڪن شعورمند انقلابي موت چاھيندا آھن جنھن جو مثال شھيد ناظم جوکيو جو خون آھي ـ اھڙي طرح موتن جا بہ قسم ھوندا آھن ھڪڙا اھڙا موت جيٸري ٸي مٸلن جي مثل ھوندا آھن ٻيا وري اھڙا موت جيڪي مرڻ کان بعد بـ زندھ ھوندا آھن ـ جيڪي مرڻ کان بعد بـ زندھ رھن اھو انھن جو ڪردار ٸي ھوندو آھي ـ وري جيڪڏھن ڪردار ڏانھن نظر ڪجي تـ ڪردار انھي کي چٸبو آھي جيڪو ٻين لاء جيٸي.

اھڙي لحاظ سان شھيد ناظم جوکيو پرديسي پکين کي بچاٸيندي پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪيوـ ليڪن پرديسي پکين جي موت کي برداش نـ ڪري سگھيوـ سنڌ ڌرتي جا ڪيتراٸي جوڌا جوان پنھنجون جانيون قربان ڪري ويا ليڪن حق سچ جي سوديبازي نـ ڪٸي ـ جن کي تاريخ سوين سالن کان بعد بـ انھن کی ھيرن لعلن وانگر چمڪاٸي رھي آھي ـ سنڌ جي تاريخ ۾ اھو بـ لکيو ويندو تـ سنڌ ڌرتي تي اھڙا سردار بـ ٿي گذريا ھٸا جن سنڌ ڌرتي سان غداري ڪٸي ڌارين کي پنھنجن مٿان پاورفل بڻاٸي پڻ تشدد جا نشانـ بڻاٸيندا رھيا ۽ تاريخ ۾ انھن ھيرن کي بـ سانڍي رکندي جن پرديسي پکين جي موت کي برداش نـ ڪري ظالم اڳيان انھن لاء آواز اٿاريندي وقت جي فرعونن سان مھاڏو اٽڪاٸيندي موت قبول ڪيوـ ليڪن انھن ظالمن قھرين وقت جي فرعونن سان پنھنجي اصولن جي سوديبازي نـ ڪٸي ـ اھڙن ھيرن کي سنڌ جي تاريخ صدين تاٸين ياد رکيو آھي ۽ رکندي اچي پٸي ـ جوکيا سردارن ناظم جوکيو جو قتل ڪري اھو ميسيج ڏيڻ پٸي چاھيو تـ جيٸن علاٸقي ۾ اھڙا ٻيا نوجوان اسان جي ڪرتوتن کي واکيو نـ ڪن ـ ليڪن مان ايترو ضرور چوندس شھيد ناظم جوکيو جي شھادت سنڌ جي تمام نوجوانن جون اکيون کولي ڇڏيون آھن ـ شھيد ناظم جوکيو جي شھادت سرداري نظام جو اصل چھري کي واٸکو ڪري ڇڏيو آھي ـ ۽ اھو سرداري نظام مان واضح ٿٸي ٿو تـ ھو پنھنجي علاٸقن ۾ اٻوجھ ماڻھن جي زندگين ۾ ڪيڏو نـ عذاب بڻيل ھونداـ بهرحال سنڌ جي اھم مسٸلن تي قوم پرست اڳواڻن سميت سنڌ جي تمام شعور مند نوجوانن ھميشـ پاڻ کي مڃايو آھي ـ پوء ڌرتي جي والار جو مسٸلو ھجي يا غيرملڪي ماڻھن کي ڊوميسالن وارو مسٸلو ھجي ۽ توڙي سرداري نظام جو مسٸلو ھجي ليڪن انھن سنڌ امڙ سان ٿڃ ملھاٸيندي سنڌ امڙ جي تڪليفن تي پنھنجو آواز بلند ڪندا رھن ٿا ـ اھڙي ٸي طرح انھن قومپرست اڳواڻن شھيد ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ڏيارڻ لاء پنھنجو اھم ڪردار ڪيو آھي ۽ ڪري رھيا آھن ۽ ملوثن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندوـ اٸين کڻي چٸجي شھيد ناظم جوکيو جي خون سنڌ جي شعور ۾ اضافو ڪري سنڌ جي تمام نوجوانن کي پرعزم ڪيو آھي ـ سنڌ جي شعور سرداري نظام کان باقاٸدہ باٸيڪاٽ ڪري ڇڏيو آھي ـ شھيد ناظم جوکيو لاء سنڌ جي شعور طرفان اٿندڙ آواز مان اھا خوشبو اچي ٿي تـ ھاڻي سرداري نظام جي خاتمي جو وقت اچي چڪو آھي ـ اگر جيڪڏھن سنڌ شعور اٸين ٸي متحد رھيو تـ ظلم جا ڪيتراٸي ڪوٽ ڪري سگھن ٿاـ

پهنجو تبصرو موڪليو