لارادته جو ويڪسين بابت مداح کي دلچسپ جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي مس يونيورس ۽ ڀارتي فلم انڊسٽري جي معروف اداڪاره لارادته ويڪسين لڳائڻ بابت پڇيل سوال تي مداح کي دلچسپ جواب ڏنو، جنهن سان صارفين به خوب مزو ماڻي رهيا آهن، ٽويٽر تي هڪ عورت صارف اداڪاره کان سوال ڪيو ته توهان ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائي آهي؟ جنهن تي اداڪاره جواب ڏيندي چيو، جي ها، مان ويڪسين لڳرائڻ وقت تصوير پوسٽ ناهي ڪئي، ان جو هي مطلب نه آهي ته ويڪسين ناهي لڳرائي، لارادته کلندڙ ايموجيز به ٺاهيا جنهن سان صاف ظاهر هو ته هُن هن جواب کي خوب انجواءِ ڪيو، خيال رهي ته شوبز انڊسٽري سان واڳيل ڪيترن شخصيتن ڪوڊ ويڪسين لڳرائي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو