لائبريري لاءِ نوجوانن جو 18 ڪلوميٽر پيرين پنڌ جلوس،ڪامياب

جروار(محمد بخش گبول) جروار ۾ لائبريري جي سهولت نه هجڻ تي جروار جي شاگردن ۽سياسي سماجي ڪارڪنن جو جروار کان ڊي سي آفيس ميرپورماٿيلو تائين پيرين پنڌ جلوس ڪڍي انتظاميا جو ڌيان ڇڪايو ويو. جلوس ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو ۾ تبديل ٿي ويو. ڊي سي گهوٽڪي جي غير موجودگي سبب سندس نمائندو اي ڊي سي رضوان علي ملاقات ڪري جلد لائبريري ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد ڌرڻو پر امن طورختم ڪيو ويو.

جلوس ۽ ڌرڻي ۾ سنڌترقي پسند اسٽوڊنٽس فيڊريشن ,شاه لطيف شاگرد سٿ ۽ سياسي سماجي ڪارڪن ستاف اڳواڻ ماجد گبول سجاد احمد گبول سينگار علي ,اتفاق لنڊ، ايس ٽي پي ضلع صدر زاهد ميراڻي علي نواز جلباڻي صحافي محمد موسي کوسو جي اڳواڻي ۾ جروار کان پيادل جلوس ڪڍيو ويو. 18 ڪلو ميٽر جو مفاصلو چار ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو ويو. سخت گرمي هوندي نوجوانن جا حوصلا بلند هئا پيادل مارچ ۾ پوري رستي ۾ نوجوانن جروار کي لائبريري ڏيو جا نعرا هڻندا رهيا. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته جروار هڪ تاريخي شھر آھي جروار تعليم جي حوالي سان پوري ضلع ۾ اڳتي آھي جروار جا اڪثر نوجوان سي ايس ايس پاس مختلف کاتن ۾ آفيسر آھن پر جروار شھر جي بدقسمي آھي جو نوجوانن لاء هتي لائبريري موجود نه آھي ,جروار جي شاگردن ۽ نوجوانن لاء لائبريري جي سهولت نه هجڻ سبب نوجوان فارغ وقت ۾ هوٽلن تي فلمون ڏسڻ ۾ گذارن ٿا. اي ڊي سي چيو ته توهان جو مطالبو جائز آھي جلد جروار شھر ۾ هڪ سرڪار پلاٽ پيل آھي جيڪو خالي ڪرائي انهي جاء تي لائبرري جي بلڊنگ ڏني ويندي ,اي ڊي سي جي يقين ڌياني بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ سندس شڪريو به ادا ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو