لائبريرين مان اخبارن بجيٽ به هضم، شهرين جو احتجاج

گمبٽ (رپورٽ عبدالحي شيخ) الخالد ميونسپل پارڪ ۾ ۽ سيد علي گوھر شاھ لائبريري پراڻي مارڪيٽ جي ٽن مھينن کان اخبارون نه اچڻ تي سول سوسائٽي شاگرد سراپا احتجاج بڻيل آھن اڄ ٽئين ڏينھن به  شھرين لائبريري آڏو احتجاج ڪندي ڪامران ميراڻي عنايت الله  شيخ رياض اڄڻ فياض ناريجو ۽ ٻين چيو ته چاليھن سالن کان ھتي اخبارون پڙھندڙ آھيون افسوس جو ميونسپل انتظاميا اخبارن جا بل ادا نٿي ڪري جو اخبارون بند ٿيل آھن شاگرد شام جو اخبارون توڙي ڪتابن جو مطالعو ڪندا آھن ڪروڙين روپيا اچڻ باوجود شھرين کي اخبارون مهيا نٿيون ڪيون وڃن. انتظاميه اخبارن جي بجيٽ به هضم ڪري ٿي وڃي.  احتجاج ڪندڙن ڪمشنر سکر ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ کان مطالبو ڪندي چيو ته انڪوائري ڪرائي فورن اخبارون جو بندوبست لائبريرين ۾ ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ميونسپل اندر ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڀرپور تحريڪ ھلائي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو