قيصر پتاڦي ۾ 12 تبليغي مسجد تائين محدود

ٺڪراٺو (ن س)ڳوٺ قيصر پتافي جي هڪ مسجد ۾ 12 تبليغي جماعتي گذريل چئن ڏينهن کان ترسيل ايس ايڇ او مبارڪپور عبدالوهاب پتافي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٻن ڄڻن جي طبيعت خراب هجڻ ڪري ڪرونا وائرس جو شڪ ڏيکاريو ويو آهي ، ايس ايڇ او مبارڪپور تبليغ جماعت جي ٻارهن ڄڻن کي ان ئي مسجد تائين محدود ڪيو ويو آهي. پوليس جا جوان مقرر ڪيا ويا آھن ، ۽ انهن کي کاڌ خوراڪ ٻاهران ڏني وڃي ٿي جيڪي هو پاڻ پچائي کائن ٿا جن جي طبيعت خراب هئي انهن جي چڪاس پنوعاقل کان آيل ٽيم کان ڪرائي ويئي هئي هاڻ ان جي طبيعت ڪجهه بهتر آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او پاڻ تبليغي آهي هو غلط ٻڌائي رهيو آهي ته تبليغي مسجد تائين محدود آھن جڏهن ته هو معمول مطابق شام جو ڀروارن ڳوٺن ۾ سرعام  گهمندا وتن ٿا صرف هڪ اهلڪار مقرر ڪيو ويو آهي. سڄاڻ ڌرين صحت کاتي سکر ۽ انتظاميا کان گهر ڪئي ته جلد کان جلد ڳوٺ قيصر پتافي ۾ ترسيل تبليغين جي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪري جاچ ڪئي وڃي ۽ علائقي ۾  خطرناڪ ڪرونا وائرس کي وڌڻ کان روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو