قيدين جي گاڏي تي حملو 3 اهلڪار زخمي، 2 قيدي فرار

سجاول (سليم ملاح) ٺٽو سيشن ڪورٽ ۾ حاضري بعد بدين ويندڙ قيدين جي گاڏي پوليس پارٽي تي سجاول ويجهو سيدپور اسٽاپ وٽ مبينا حملو ٽي پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيا  ٻه بدنام ڏوھاري قيدي فرار  ٿي ويا. ضلعي سجاول جي پوليس پاران سمورن روڊن جي ناڪابندي  ڪندي تلاشي شروع ڪري ڇڏي آهي. اطلاع موجب ڪچي ۾ جوابدارن تي پوليس جو ڪڙو جوابدارن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلي جو امڪان زخمي اهلڪارن کي مڪلي سول اسپتال۾داخل ڪيو ويو آهي.جتي ايس ايس پي سجاول صحائي ٽالپر پھچي عيادت ڪئي ۽ حملي بابت بڇا ڳاڇا ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو