قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 سيريز کيڏڻ لاءِ بنگلاديش پهچي وئي

دبئي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ سفر ختم ڪرڻ کانپوءِ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ بنگلاديش پهچي وئي  آهي، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم ۽ شعيب ملڪ 16 نومبر تي ڍاڪا ۾ اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندا. قومي اسڪواڊ هڪ ڏينهن آئسوليشن کانپوءِ بنگلاديش ۾ ٽريننگ شروع ڪندي. سيريز جون ٽي ٽي ٽوئنٽي ميچون 19، 20 ۽ 22 نومبر تي ڍاڪا ۾ کيڏيون وينديون، ان کان علاوه پاڪستان بنگلاديش خلاف ٻه ٽيسٽ ميچون به کيڏندو.  ٽيسٽ سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته بنگلاديش خلاف ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي قومي اسڪواڊ ۾ رڳو هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، محمد حفيظ جي جاءِ تي افتخار احمد کي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي. محمد حفيظ چيف سليڪٽر محمد وسيم سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ سيريز ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن نوجوان رانديگرن کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو وڃي. اسڪواڊ ۾ واحد سنڌي رانديگر شاهنواز ڏاهاڻي کي به شامل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو