قومي عوامي تحريڪ پاران مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري

ڪراچي(نمائندن وٽان)افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاء، پاڻي تي ڌاڙي، سئي گئس ۽ ٻين وفاقي کاتن جي نوڪرين مان 16000ھزار سنڌي ملازمن جي برطرفين ۽ زمينن تي قبضن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ سومر تي ڇھين ڏينھن به احتجاج ڪيو ويو۔ ان ڏس ۾ ڄام صاحب ۾ مير منگي، ابراھيم بگٽي، علي خان مري ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو۔ ڳڙھي خيرو ۾ جبار سنڌي ۽ گل مصطفي جي اڳواڻي ۾ ڪيو اي ٽي آفيس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو۔ خيرپور ناٿن شاھ ۾ گوزو اسٽاپ کان سوين ڪارڪنن سرمد گاڏھي، منور علي جتوئي، محمد يعقوب پنھور، پاويل جوڻيجو، علي رضا قمبراڻي، سڄڻ چنا، فھيم خاصخيلي، صدام ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو۔ گولاڙچي ۾ عابد علي چانڊيو، گيانچند مھيشوري، پير فراز شاھ، اصغر نوتڪاڻي، بچل احمداڻي، يوسف لاشاري، زين العابدين شاھ، ناز مٺو مل، رميش ڪمار، ڊاڪٽر رامسنگ، ڊاڪٽر لالچند، باغي مصطفي سمون، سفير نظاماڻي، علي اڪبر کوسو، امام علي شاھ، موھن لعل، راجو مھيشوري، اشوڪ ڪمار، محرم اياز خاصخيلي، حاجي لاشاري، وڪيو لاشاري ۽ ٻين سوين ڪارڪنن جي ريلي ڪڍي شھيد فاضل راھو چوڪ وٽ مظاھرو ڪيو۔  ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر ايڊووڪيٽ منور علي جتوئي خطاب ڪندي چيو ته افغاني آڻي سنڌ جو امن تباھ ڪرڻ ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جو عوام اھا سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو۔ وفاق پاران جيڪي ملازم برطرف ڪيا ويا آھن اھي بحال ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي زمينن ۽ ڳوٺن تان قبضا ختم ڪيا وڃن۔ پاڻي تي ڌاڙي، پاڻي جي چوري ۽ کوٽ ختم ڪري شاخن جي پڇڙ تائين پاڻي پھچايو وڃي۔ منور جتوئي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ مسلسل ھڪ مھينو مطالبن جي مڃتا لاء سڄي سنڌ ۾ جدوجھد جو اعلان ڪيو آھي. ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ ۾ جيڪو به غير قانوني پرڏيھي اچي ٿو ان جي آخري منزل ڪراچي آھي، جنھن سان سنڌي ماڻھو اقليت ۾ تبديل ٿي رھيا آھن۔ غير قانوني پرڏيھي سنڌ جي وسيلن، روزگار تي بار آھن ۽ امن امان لاء وڏو خطرو آھن۔اياز لطيف پليجي چيو تہ عمران خان ۽ فروغ نسيم ۽ ٻين 16 ھزار ماڻھو ھڪ ڌڪ سان ڪڍي ڇڏيا  آھن۔ سنڌ جي زمينن تي حڪومت جي سرپرستي ۾ بلڊر مافيا قبضا ڪري رھي آھي۔ ڌرتي ڌڻين کي بي گھر ڪري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو