قومي شاهراهه تي ڪوچ ڪلٽي هڪ فوت پنج زخمي

سڪرنڊ (رپورٽراج ڪمار اوڏ) قومي شاھراهه باءِ پاس تي ڪراچي کان سکر ويندڙ مسافر ڪوچ ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ سکر جو رھواسي ايڪسائيز ٽيڪسيشن آفيسر مُطھر علي فوت ٿي ويو جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.جن ۾ خيرپور جا رھواسي فرمان احمد، منير احمد، وسيم احمد، ھمير ۽ مسمات مقدس شامل آهن، جن کي ايمبولينس ذريعي تعلقي اسپتال پھچايو ويو، جڏھن ڪوچ ۾ سوار ٻيا مسافر محفوظ رھيا.حادثي سبب ڪوچ روڊ جي وچ تي ڪلٽي ٿيڻ ڪري ٽريفڪ جام ٿي وئي، موٽر وي پوليس ڪرين جي مدد سان ڪوچ کي سڌو ڪري روڊ خالي ڪرائي ٽريفڪ بحال ڪرائي ڇڏي. جڏھن ته ڪوچ جو ڊرائيور فرار ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو