ٽي ٽي پي بابت فيصلي کان اڳ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ارپورت اياز مهر) وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ عالمي، علائقائي ۽ افغانستان جي صورتحال ۽ اندروني سلامتي جي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. شيخ رشيد موجب ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد بريفنگ ڏني. جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان افغانستان جي خودمختاري جو احترام ڪندو ۽ افغانستان جي انساني همدردي جي بنياد تي مدد جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿي پاڪستان سڌي طرح متاثر ٿيندو ان ڪري افغانستان ۾ استحڪام چاهيون ٿا. مضبوط افغانستان مضبوط پاڪستان لاءِ ضروري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ٽي ٽي پي سان ڳالهين ۾ ٿيل پيش رفت کان به آگاهه ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو افغانستان جي انساني بنيادن تي مدد جاري رکن جيئن ڪو الميو جنم نه وٺي. اجلاس ۾ دفاع، گهرو، اطلاعات جي وفاقي وزيرن، ناڻي ۽ قومي سلامتي بابت مشيرن کانسواءِ ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه ۽ ڊي آءِ ايس آءِ  فيض حميد به شريڪ ٿيا. هي اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن امريڪا جي نائب وزير خارجا پاڪستان جي دوري تي آهي ۽ هن اهم ملاقاتون ڪري ورتيون آهن. هن اجلاس بعد آمريڪي وزير آرمي چيف سان ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو