قومي اسمبلي اجلاس ۾ نويد قمر ۽ علي زيدي ۾ جهڙپ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي ۾ بحث دوران وفاقي وزير علي زيدي پاران پيپلز پارٽي جي قيادت تي دهشتگرد ۽ ڏوهارين جي سرپرستي ڪرڻ وارن الزامن بعد نويد قمر ڪاوڙجي پيو. هو ڪوٽ لاهي سيٽ ڇڏي علي زيدي ڏانهن وڌڻ لڳو ته اچ توکي وڙهڻو آهي ته وڙهو. هرو ڀرو اوهان ايوان جي ڪاروائي ۾ خلل ٿا وجهو. علي زيدي جي آءِ ٽي جي رپورٽ لهرائيندي چيو ته مان نٿو چوان پر هن رپورٽ ۾ لکيل آهي ته عذير بلو چ جي سرپرستي پي پي قيادت ڪندي رهي آهي. هن کان ڪيترائي ڏوهه ڪرايا ويا آهن جن جو اقرار خوي عذير بلوچ به ڪري چڪو آهي. پي پي وارن احتجاج ڪندي چيو ته اها رپورٽ ڪوڙي آهي ۽ ان جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي. بعد ۾ اسپيڪر اسد قيصر مداخلت ڪندي نويد قمر کي تقرير لاءِ چيو ته علي زيدي وري مٿس جملي بازي ڪئي ته هو ڪاوڙ ۾ ويهي رهيو ۽ چيو ته قادر پٽيل تقرير ڪندو هو نه ڳالهائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو