قومي ادارا انتقامي پلان جو حصو بڻيل آهن، ليگي اڳواڻ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، سيڪيورٽي ادارا دهشتگردن کي چٿڻ بدران قومي انتقامي پلان جو حصو بڻجي ويا آهن، هنن احتساب عدالت ۾ حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيڪيورٽي ادارا انتظامي سياست جي نذر ٿي ويا آهن، اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان جي نالائقيءَ تي قومي وقار قربان ٿي رهيو آهي، سندس وزير هر هر قومي ادارن جي پويان لِڪـِي رهيا آهن، ڪڏهن عدليه ته ڪڏهن وري فوج کي آڏو آندو ويندو آهي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪراچي ۾ رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر جي ته ضمانت ٿي وئي، آءِ جي سنڌ کي ضمانت ڪير ڏيندو؟ ڇا آءِ جي ڪنهن عدالت ۾ وڃي سگهي ٿو يا نه؟ ملڪ ۽ معاشرو ايئن نه ٿو هلي سگهي، جيترو جلدي اهو سمجهيو وڃي ته بهتر آهي، جن ادارن کي دهشتگردن سان ويڙهه ڪرڻي هئي، اُنهن کي سياسي جنگ ۾ لڳايو ويو آهي. وفاق صوبن تي حملا ڪري رهيو آهي، آئين جي سنگين خلاف ورزي ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ احتساب عدالت ۾ ايل اين جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ شاهد خاقان عباسي سميت 12 جوابدار پيش ٿيا پر 2 پرڏيهي شهريت رکندڙ جوابدار پيش نه ٿيا. نيب چيو ته حاضر جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪريو، عدالت نيب جي درخواست رد ڪندي چيو ته سڀني جوابدارن جي موجودگي کانسواءِ فرد جرم لاڳو نه ٿيندي. احتساب عدالت جي جج اعظم خان چيو ته غير ملڪي جوابدارن کي سمن موڪليا آهن ان جي تعميلي رپورٽ پيش ڪريو ان بعد سندن گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو. عدالت وڌيڪ ڪاروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو