قومن جي اصلاح ۽ تربيت ۾ مسجد جو وڏو ڪردار آهي، علوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسجدِ نبوي صه مان اٿندڙ انقلاب سڄي دنيا کي بدلائي ڇڏيو هو. اهڙو اظهار هن  ايوان صدر اسلام آباد ۾ ڪوٺايل قومي رحمت العالمين صه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قوم جي تربيت ۽ اصلاح ۾ مسجد جو وڏو ڪردار آهي. گذريل ڏينهن ايوانِ صدر اسلام آباد ۾ قومي رحمت العالمين صلعم ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ مذهبي معاملن وارو وزير، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين ۽ ٻين به ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو