قرنطينه مرڪز 73سکر، متاثرن جي ماني تي 73 ڪروڙ خرچ

سکر (جيرام داس )ضلعي انتظاميه سخاوت ۾ حاتم طائي کان به اڳتي نڪري وئي . ضلعي انتظاميه قرنطينه مرڪز ۾ آيل 1500جي لڳ ڀڳ زائرين ۽ ٻين مريضن کي73 ڏينھن ۾ ھڪ ڪروڙ 22لک 92ھزار 560رپين جي ماني کارائڻ جو بل چارج ڪري ڇڏيو. سکر جي ضلعي انتظاميه پاران صرف 13ڏينھن ۾ يعني 20 مارچ کان پھرين اپريل تائين قرنطينه سينٽر ۾ آيل زائرين کي 69 لک 49ھزار 640رپين جي ماني کارائي . 12 اپريل کان 31 مئي تائين 60 ڏينھن ۾ قرنطينه مرڪز ۾  53لک 42 ھزار 920 رپين جو کاڌو فراھم ڪيو ويو .قرنطينه مرڪز ۾ زائرين کي ناشتو منجھند جي ماني ۽ رات جي ماني پھچائڻ جي ذميداري فلاحي تنظيم جي ڊي سي حوالي ھئي . قرنطينه مرڪز ۾ زائرين کي ملندڙ کاڌي جا سمورا بل سنڌ حڪومت ادا ڪيا . قرنطينه مرڪز ۾ رھندڙن کي صبح جو ناشتي ۾ ڊبل روٽي جيم مکڻ ۽ چانھن ڏني ويندي ھئي، قرنطينه مرڪز ۾ منجھند ۽ رات جو ننڍي گوشت ۾ برياني ، قورمو ، ڪڙھائي ،رائتو ، سلاد ،فروٽ ۽ اعلي قسم جي دودھ دلاري کيرڻي فراھم ڪئي ويندي ھئي .پڪوان سينٽر تان قرنطينه مرڪز ۾ فراھم ٿيندڙ کاڌي جا بل روزاني سنڌيار حاصل ڪري ورتا آهن. قرنطينه مرڪز مختلف وقتن تي ڪل 1576ماڻھو داخل ڪيا ويا ھئا، قرنطينه مرڪز ۾ داخل ٿيندڙن ۾ 1280جي قريب تافتان بارڊر کان ايندڙ زائرين 200تبليغي شامل ھئا. تافتان بارڊر تان آيل 1250کان وڌيڪ زائرين 20اپريل کان اڳ پنھنجي گھرن ڏانھن روانا ٿي ويا ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو