قرنطينه سينٽر مان 66 وڌيڪ مريض ٺيڪ، گهر منتقل

سکر (جيرام داس )قرنطينه سينٽر سکر ۾ مريضن جي سار سنڀال لاءِ مختلف وقتن ۾ دورو ڪندڙ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس قادر شاهه، ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون ڪورونا وائرس جي حوالي سان پنهنجون ميڊيڪل ٽيسٽون ڪرايون آهن، جنهن ۾ ٻنهي ڄڻن کي ڪورونا وائرس نه هجڻ جي تصديق ٿي آهي. هوڏانهن 14 مارچ تي تفتان بارڊر کان سکر قرنطينه منتقل ڪيل زائرين مان وڌيڪ 66 ڄڻا صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد پهرين کيپ جي 151 ڪورونا وائرس جي مريضن مان چاق ٿيلن جو انگ وڌي 89 ٿي ويو آهي. ايران مان زيارتون ڪري واپس موٽڻ تي قرنطينه سينٽر منتقل ڪيل پهرين کيپ ۾ شامل 302 زائرين مان 151 کي ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي. ڪمشنر سکر موجب ڪورونا وائرس ۾ مبتلا وڌيڪ 66 ڄڻن جون ٽيسٽون نيگيٽوَ آيون آهن، جن کي اڄ گهر وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي. ڪمشنر سکر جو چوڻ آهي ته 23 زائرين ڪجهه ڏينهن پهريان صحتياب ٿي گهر وڃي چڪا آهن. ڪمشنر سکر موجب قرنطينه سينٽر ۾ 207 ڪورونا وائرس جا مريضن اڃا به موجود آهن، جن جو علاج هلي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو