قرآن جي واسطي زال ڏيو، مڙس چريو آهي، زال

ميهڙ (غلام حسين پنھور)شفيع محمد ڪالوني جي رهواسي مهتاب جانوري قرآن پاڪ کڻي نيشنل پريس ڪلب دانهيندي ۽ روئيندي ٻڌايو ته مونکي منهنجي سس ۽ سالو  زال واپس نه ٿا ڪن ۽ ان جي لاء احتجاج تي مجبور ٿيو آهيان. هن ٻڌايو ته منهنجو سالو زوهيب چانڊيو ۽ لطيف چانڊيو اسان جي گهر رات جي وقت هٿيارن سان داخل ٿي اسان مٿان تشدد ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا اسين قران پاڪ کڻي ميهڙ ٿاڻي تي پهتاسين ته پوليس اسان جي فرياد نه ٿي وٺي ۽ اسان کي ڌڪا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو آهي اسين غريب مسڪين آهيون هن قرآن جي واسطي مدد ڪريو ۽ زال واپس ڪرائي ڏيو. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ڳوٺ گاھي مھيسر جي رھواسڻ نوجوان ناري مائره چانڊيو پنھنجي ماءُ مسمات شھناز چانڊيو سان گڏ صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته سندس مڙس مھتاب جانوري جو ذھني توازن درست ناھي جيڪو مون مٿان تشدد ڪري ٿو جڏھن مان اھا دانھن پنھنجي سھري منور جانوري ۽ ڏيرن کي ڏيان ٿي ته ھو سڀ گڏجي مون مٿان تشدد ڪن ٿا ھن چيو ته آء مڙس سھري ۽ ڏيرن جي ظلم کان تنگ ٿي 3 ڀيرا بجلي ۾ ھٿ ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آھي ھن چيو ته آء عدالت ۾ طلاق جي درخواست به داخل ڪرائي ڇڏي آھي. ميهڙ ٿاڻي جي وڏي منڇي اصغر پنهور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هي ڪورٽ ميٽر آهي اسين معاملي جي شفاف طريقي سان جاچ ڪريون پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو