قتل ڪيل 11 گهر ڀاتي هفتي کان يرغمال هئڻ جو انڪشاف

سکر (جيرام داس ) پنو عاقل ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 11 ڀاتين کي ڪُهي قتل ڪرڻ واري معاملي ۾ پوليس جي سنگين لاپرواهي منظرعام تي اچي وئي، جاچ ۾ جنوني جوابدار وهاب الله انڍڙ ۽ سندس پُٽن طرفان گهرڀاتين کي 8 ڏينهن تائين يرغمال بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جوابدار وهاب الله جي ڀاءُ ميان اسد انڍڙ پوليس آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته پوليس 3 ڀيرا ڪارروائي ڪئي پر يرغمالين کي آزاد نه ڪرائي سگهي، واقعي واري رات به پوليس چڙهائي ڪئي، پر جوابدارن پٿراءُ بعد اهلڪار واپس موٽي ويا، ڊي آءِ جي فدا حسين مستوئي سنڌ يار  سان ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته پنو عاقل پوليس گهرو مسئلو سمجهي معاملي کي سنجيده نه ورتو، جاچ ۾ جيڪو به آفيسر يا عملدار ذميوار نڪتو، اُن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو