قتل ڪيس ۾ ملوث 4 جوابدارن کي 3 ڀيرا ڦاهيءَ جي سزا

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) ايڊيشنل سيشن جج  ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي رحمت الله مورو مورو جي عدالت 3 سال اڳ خاڻوٺ ويجهو راڄڙي ٻيلي ۾ زميني تڪرار تان  قتل ٿيل ٽن ڄڻن پيارو کوسو، عرس کوسو، سائين بخش کوسو جي خون جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي  4 جوابدارن علم الدين کوسو، رسول بخش، علي غلام عرف ڪاڪ علي، صاحب علي کوسو کي 3 ڀيرا ڦاسي ۽ 5 پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن طالب کوسو، علي محمد کوسو، علي ٻانهون، طالب، متارو کوسو، موٽيو، معشوق عرف ڪيچي کوسو روپوش آهن. ساڳئي جهيڙي ۾ علم الدين کوسو کي زخمي  ڪرڻ جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ساڳئي عدالت ڪيس ۾ نامزد ذوالفقار علي ڦاناڻي کوسو، ذاڪر حسين کوسو، جمال کوسو، غلام عباس ڦاناڻي کوسو، محمد الرحمان، شير خان کوسو، قمبر کوسو، محمد جمع ، نيازو کوسو کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو