قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار جي ضمانت رد، جيل حوالي

نوشهروفيروز(مشتاق مري) عدالت قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار جي ضمانت رد ڪندي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته 2 مھينا اڳ ڀريا روڊ ٿاڻي تي فريادي اعجاز انجم آرائين چئن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته منهنجي پيءُ مقتول اقبال آرائين کي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي جنهن کان پوءِ ڀريا روڊ  پوليس جاچ دوران جوبدار محمد علي چانڊيو کي تيز ڌار اوزار سميت گرفتار ڪري ڀريا جي جوڊيشل مئجسٽريٽ امانت علي کوسو جي عدالت ۾ پيش ڪيو هو جتي عدالت جوابدار جي ننڍي عمر هجڻ جو سبب ڄاڻائي جوابدار کي ڪچي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو هو. فريادي ڌر پاران نوشھروفيروز جي سيشن جج امداد علي کوسو جي عدالت ۾ جوابدار خلاف ضمانت رد ڪرڻ جي اپيل داخل ڪئي وئي هئي اڄ ٻڌڻي دوران عدالت دليل ٻڌڻ بعد ڪيس ۾ ڄاڻايل جوبدار محمد علي چانڊيو جي ضمانت رد ڪري فيصلي ۾ وڌيڪ ھدايتون جاري  ڪندي ڪيس کي ڀريا جي عدالت سان رجوع ڪرڻ سان گڏ جوابدار کي 3 ڏينهن لاءِ رمانڊ تي ڀريا روڊ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو