قتل ڏوهه ۾ ملوث 2 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن غلام مرتضي ميمڻ ۽ شاهد ميمڻ کي عمر قيد ۽ 5،5 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڄاڻايل جوابدارن 2014ع ۾ سرحد ڀرسان ڳوٺ جان محمد ڀارو جي رهواسي نوجوان سعيد ڀارو کي قتل ڪيو هو جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٽئين جوابدار نظام الدين ميمڻ کي عدالت آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس ۾ شامل 2 جوابدارن قطب الدين ۽ عامر ميمڻ روپوش آهن. عدالتي فيصلي بعد ٻنهي جوابدارن کي پوليس سيڪيورٽي هيٺ سکر سنٽرل جيل منتقل ڪيو. واضح رهي ته سال 2014 ۾ جوابدارن سعيد احمد ڀارو کي واهه ۾ ٻوڙي ماري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو