قتل جو دردناڪ واقعو، عورت مڙس جي لاش جا ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)صدر واري علائقي ۾ قتل جو دردناڪ واقعو پيش آيو آهي.پوليس موجب عورت پنهنجي مڙس کي بيدردي سان قتل ڪري لاش جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا. هن ڪجهه ٽڪرا لڪائي ڇڏيا ۽ ڪجهه ٽڪرا پاڻ سان گڏ بستري تي رکي سمهي رهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي گهر جي مختلف حصن مان لاش جا حصا مليا جڏهن ته مقتول جي لاش جا ڪجهه حصا عورت جي بستري تان مليا. پوليس موجب عورت جي قبضي مان ڪاتي، ڇري ۽ مختلف اوزار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو