قبرون کوٽائڻ واري معاملي تي سيد ظفر شاهه معافي وٺي ڇڏي

سن(ن سنڌيار) سن ۾ 13 قبرون کوٽائي لاش ٻئي هنڌ منتقل ڪرائڻ واري معاملي تي سائين جي ايم سيد جي پوٽي ظفر شاهه سخت تنقيد بعد سنڌي قوم کان دل سان معافي  وٺي ڇڏي. سن ايٽ ڇڇر ٿاڻي تي سيد ظفر شاھ ٽائون انچارج سيد ملوڪ شاھ، ڪمدار ميوو پليجو تي سرڪار جي فرياد تي ايف آءِ آر پڻ  داخل ڪئي وئي هئي.

سيد ظفر شاھ پنهنجي فيس بڪ آءِ ڊي تي لطيف سرڪار جي بيت سان سن جي ملاحن ۽ سڄي سنڌي قوم کان معافي گهري ورتي آهي. ياد رهي ته سن جي حيدر شاهه قبرستان ۾ سيدن واري پاسي دفن ڪيل 13 ملاحن جي قبرن جا لاش هن پاسي ۾ منتقل ڪرايا هئا. هن قبرون به ڊهرايون هيون، جنهن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿيا جنهن بعد هن معافي ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو