قبرون ڊاهي قبضو ڪرڻ خلاف احتجاج، انصاف جي اپيل

مورو (ن س)مورو پريس ڪلب آڏو پاڪستان مشائخ اتحاد ڪائونسل ضلع نوشهرو فيروز جي صدر ۽ درگاھ حضرت مخدوم پير محمد علي رح جي سجاده نشين پير خير محمد صديقي 39 ڏينهن به مسلسل رات  ڏينهن بک هڙتال جاري رکي سندس حمايت ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻن امير لغاري جي ايم سابقي سليم جتوئي جي ايم راهو عادل اعواڻ ۽ ڪانڌڙا ڪالوني کان آيل غلام مصطفلي ڪلهوڙو ۽ ٻين  بک هڙتال ڪئي ۽ ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته درگاھ ڳوٺ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ قبرون مسمار ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ وارو با اثر ماڻهن ۽ ڪمدار جو ڪڌو عمل برداشت نه ڪيو ويندو انتظاميه جي بي حسي جي  ڪري هي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي انتظاميه کي گهرجي ته هن مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي جڏهن ته  پير خير محمد صديقي چيو ته  با اثر ماڻهن سندس ڪمدار  درگاھ ۽ ڳوٺ  جي زمينن تي قبضو  ڪري ڇڏيو آهي ۽ درگاھ جي قبرستان جون قبرون مسمار ڪيون ويون آهن اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن مورو ۽ ضلع نوشهرو فيروز جي انتظاميه به انهن سان مليل آهي جنهن ڪري مان هتي رات ڏينهن انصاف لاء بک هڙتال تي ويٺو آهيان هن وزير اعظم پاڪستان عمران خان وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه آئي جي پوليس سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته با اثر ماڻهن ۽ ڪمدار خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري قبضا ختم ڪرايا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو