قبرستان ڊاهي ڪوئلا ڪڍڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

مظاهرو ڪري مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي جسقم اڳواڻ گلشير کوسو اڪرم کوسو سماجي اڳواڻ ڄام خان کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاکڙا ڪول فيلڊ جي بلاول ڪمپني سندن ابن ڏاڏن جون قبرون مسمار ڪري ٻنڌ قبرستان جي زمين تي قبضو ڪري ڪوئلو ڪڍرائي رهي آھي قبرن جي بي حرمتي خلاف ڪيترائي احتجاج ڪيا آھن پر بااثر ڪمپني انتظاميا هٿياربند ويهاري زبردستي ڪم هلائي وڌيڪ قبرن جي بي حرمتي ڪري رهي آھي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت قبرستان جي بي حرمتي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو