قبرستان تان قبضا ختم ڪرايو، شهرين جو احتجاج

شهدادڪوٽ (ڊ ر) شهدادڪوٽ ۾ قبرستان بچايو جهدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس، قبضا ختم ڪرائي، گندي پاڻي جو نيڪال بند ڪري قبرستانن کي چوديواري ڏيارڻ جو مطالبو. شهدادڪوٽ ۾ قبرستان بچايو جهدوجهد ڪاميٽي جي چيئرمين الطاف سومرو، ڪوچيئرمين حبدار ميرجت، ايڊووڪيٽ ابرار سومرو، معتبر چانڊيو شهدادڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته انتظاميه جي نااهلي ڪري قبرستانن ۾ گندي پاڻي جو ڇوڙ ڪيو پيو وڃي ۽ شهر جي قبرستانن کي  چوديواري پڻ ناهي، هنن چيو ته قبرستانن ۾ ميت دفن ڪرڻ لاء گندي پاڻي مان گذرڻو پوي ٿو جڏهن ته رات جي وقت قبرستانن ۾ لاٽينگ سسٽم نه هجڻ ڪري شهرين کي تڪليفن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته قبرستانن کي چوديواري نه هجڻ ڪري چوپايو مال، گڏه، ڪتا قبرستانن ۾ ڪاهي پون ٿا جنهن ڪري قبرن جي بيحرمتي ٿي رهي آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، هنن چيو ته صوبائي وزير عبدالباري پتافي آڏو احتجاج ڪري دانهڻ بعد  ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ هڪ هفتي جي مهلت وٺي حيدرآباد مان سروي ٽيم گهرائي قبضو ختم ڪرائي ۽ قبرستانن کي چوديواري ڏيارڻ جو يقين ڏياريو هو جنهن تي پڻ عمل ناهي ڪيو ويو، هنن چيو ته انتظاميه ٿوري ڊاه ڊوه ڪري سستي سان ڪم ڪري اصل قبضن کان ڌياڻ هٺائڻ چاهي انتظاميه جي ڪاروائي  مان مطمئن ناهيون. هنن چيو ته شهر جي تجر ۽ معصومن جي قبرستانن جي ڪيتري ئي ايراضي تي قبضو ڪيو ويو آهي ڪجه عملدار قبضا مافيا کان رشوت وٺي رهيا آهن جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. ان موقعي موقعي تي معتبر چانڊي کي ملندڙ ڌمڪين جي پڻ مذمت ڪئي وئي. هنن ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ سميت ٻين وس وارن کان  قبرستانن مٿان ٿيل قبضا ختم ڪرائي، گندي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪري، قبرستانن کي چوديواري ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو ٻي صورت ۾ احتجاج ڪرڻ ۽ هاء ڪورٽ ۾ وڃڻ جو پڻ چتاء ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو