قبائلي جھيڙن جي خاتمي لا۽ سماجي تنظيم جي سڏ تي احتجاج

  غوثپور (عبدالنبي ملڪ) ضلعي ڪشمور جي مختلف شھرن ۾ ھلندڙ قبائلي جھيڙن جي خاتمي لا۽ علائقي جي سماجي تنظيم ”نيشنل پيس ڪائونسل“ جي سڏ تي غوثپور ۽ ڀرپاسي جي ٻين ڳوٺن مان سوين ماڻھن شھر جي مک دولي چوڪ کان مئن پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي جنھن جي اڳواڻي منارٽي ونگ جي ڊويزنل صدر ڊاڪٽر سندر بالاڻي۔ وڪيل سيد زاھد شاھ۔ ديوان لال۔ منور علي پٺاڻ۔ڊاڪٽر علي بخش بھلڪاڻي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا۔ سوين ڪارڪنن جو ريلي وارو قافلو جڏھين مئن پريس ڪلب پھتو ته ان موقعي تي اڳواڻن تقرير ڪندي چيو ته سنڌ پوليس وٽ ايترا وسيلا ڪونه آھن جو ڪچي ۾ ويٺل ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪري سگھن تنھنڪري اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ترت سنڌ پوليس رينجرز ۽ فوج جي مدد وٺي ڪچي جي ڏوھارين کي جيڪي کلئي عام ڪيترن ئي سالن کان پوليس جي رٽ کي چئلينج ڪيون ويٺا آھن۔ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ضلعي ڪشمور ۾ ھلندڙ مختلف قبيلائي جھيڙن علائقي جي امن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي۔ اسانکي امن کپي۔ اسان آ۽ جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته ضلعي ڪشمور جي تباھ ٿيل امن کي واپس ڪرائي علائقي ۾ ھلندڙ قبيلائي تڪرارن جو خاتمو ڪرائي ڪچي ۾ فوج ۽ رينجرز جي مدد سان موثر ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو